ميين صابر ولهاريءَ جي مزار

ميين صابر ولهاريءَ جي مزار

صابر ولهاري ميون

صابر ولهاري، ميون: هيءُ صوفي بزرگ ڪلهوڙا دور جي حڪمرانن ميان يار محمد ڪلهوڙي (1718- 1700) ۽ ميان نور محمد ڪلهوڙي جي دؤر (1753- 1719) ۾ ٿي گذريو آهي. هن صوفي بزرگ جو تعلق ولهار شهر ضلعي ٽنڊي الهيار سان هو. هي شهر جي نسبت سان پاڻ کي ‘ولهاري’ سڏائيندو هو. سما قبيلي مان هو. سندس والد عبدالڪريم پنهنجي وقت جو مشهور صوفي بزرگ ۽ عالم ٿي گذريو آهي، جيڪو ٺٽي مان اچي ولهار ۾ رهيو. مخدوم ميين صابر ولهاريءَ، ابتدائي تعليم ارڙهين صدي عيسويءَ جي مشهور نقشبندي صوفي بزرگ ميين امين ڊاسوڙي واري کان حاصل ڪئي، جيڪو ارڙهين صديءَ جو مشهور صوفي عالم هو. تعليم مڪمل ڪرڻ بعد هن ڪنڊياري ۾ مدرسو ۽ خانقاهه قائم ڪئي. اهو علائقو هاڻي ‘شاديون ولهار’ سڏجي ٿو، جتي اڄ سندس پونير رهائش پذير آهن. سندس علم جي هاڪ ٻڌي ڪيترائي ماڻهو ارڙهين صديءَ جي شروعات ۾ سندس حلقي ۾ شامل ٿيا. روايت آهي ته مشهور عالم ۽ شاعر مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي به سندس مدرسو ۽ خانقاهه ڏسڻ ويو هو. ٽنڊي الهيار جي محقق آس عبدالوحيد موجب ميون شاهه عنات رضوي (وفات: 1717ع) ۽ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي (وفات: 1752ع) به صابر ولهاريءَ سان انهيءَ خانقاهه ۽ مدرسي ۾ مليا ۽ ڪچهريون ڪيون هيون. مشهور صوفي بزرگ ميون معروف سندس پٽ هو ۽ کيس تعليم به ميين صابر ولهاريءَ ڏني هئي. ولهار جي هنن بزرگن جو ذڪر مير علي شير قانع پنهنجي ڪتاب ‘تحفة الڪرام’ ۾ به ڪيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو